اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي آ??ريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيا سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي پارليامينٽن جي سربراهن، اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرز کي مسجد اقصيٰ ۾ معصوم فلسطيني نمازين تي رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ تازي اسرائيلي جارحيت طرف ڌي??ن ڇڪرائڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب خطن ۾ انهن جو ڌيان اسرائيلي ظلمن طرف ڇڪرائيندي چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڪارروايون عالمي انساني حقن ۽ قانونن جي کليل خلاف ورزي آ??ي. ڪو به مذهب عبادتگذارن تي اهڙي قسم جي بربريت جي اجازت نه ٿو ڏي. سينيٽ ??يئ??مين چيو ته انهن ظلمن جي سمورن ملڪن پاران واضح طور تي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطين مسئلي جو پرامن حل ڪڍڻ گهرجي ته جيئن فلسطيني مسلمان سک جو ساهه کڻي سگهن.