اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ڪم کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پارليام??نٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليام??نٽ جي آٽ??مي??ن سان پارليام??نٽ جي ٻنهي ايوانن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته ان سان فوري فيصلا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي، حڪومت مختلف وزارتن/ ڊويزنن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جنهن جو مقصد احتساب ۽ شفافيت کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. صدر اها ڳالهه پارليام??نٽ هائوس ۾ سائبر ايفيش??نٽ پارليام??نٽ جي لاءِ صدر جي قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ايم اين اي شير علي ارباب، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري طاهر حسين، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت جي سيڪريٽري حامد يعقوب پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پارليام??نٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي پي سي ون منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت کي پيش ڪئي وئي آهي. اجلاس ان منصوبي ۾ شامل فني معاملن جي نگراني ۽ پارليام??نٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ پارليام??نٽ جي آٽ??مي??ن ۾ دير کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين کي چيو ته ان منصوبي کي ان جي ڏنل ٽائيم لائين يعني جنوري 2023ع ک??ن اڳ مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته معلومات ۽ مواصلات جي جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي.