اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جهلم جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم شهيد (نشان ح??در) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم شهيد حب الوطني جي جذبي، جنگي فهم ۽ فراست ۽ انساني حوصلن جو معراج هو. ميجر محمد اڪرم شهيد جي 50 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميجر محمد اڪرم شهيد 1971ع جي جنگ دوران اوڀر پاڪستان جي علائقي حلي جي محاذ تي سمورين مشڪلاتن جي باوجود دشمن جو ع??م ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو ۽ 5 ڊسمبر 1971ع تي ڀارت جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. هن چيو ته پوري قوم جهلم جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس عظيم قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو.