لاهور-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون ٻن ڏهاڪن تائين آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پڙهايو آهي ۽ جڏهن مان آمريڪي ۽ پاڪستاني شاگردن وچ ۾ ڀيٽ ڪندو آهيان ته مون کي پنهنجي وطن ۾ وڌيڪ ٽيلنٽ ۽ صلاحيتون نظر اچن ٿيون. اولهه جي تعليمي ادارن جو نظام مستحڪم آهي جنهن سا?? ان جي آئوٽ پٽ وڌيڪ آهي. هو لاهور ڪاليج ??ار وومين يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. شهباز گل چيو ته وزيراعظم عمران خان ادارن کي ترقي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو، لاهور ۾ سمارٽ بزنس سٽي ۽ رودا جي نالن سا?? جديد تقاضائن سا?? هم آهنگ ادارا بڻجي رهيا آهن، جنهن م??ن لکين نوڪريون پيدا ٿينديون. هن چيو ته لاهور ڪاليج جي 30 شاگردن کي انهن ادارن ۾ نوڪري ڏيڻ جو وعدو ڪريان ٿو، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جل?? لاهور ڪاليج جي شاگردن کان انٽرويو شروع ڪندي. هن چيو ته اسان جي حڪومت رحمة للعالمين اٿارٽي جوڙي، اٿارٽي جا ڪجهه منصوبا جي سي يونيورسٽي ۽ لاهور ڪاليج ??ار وومين يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيا ويندا. اڄ شاگردن پنهنجي والدين ۽ پنهنجي اداري جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته مان جڏهن پروفيسر هئس ته ماڻهو پُڇندا هئا ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آهي ته مان چئي نه سگهندو هئس ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڊسيپلين سٺو هوندو آهي، هر شعبي جي تعليم اهم آهي، معاشري ۾ عورت جي تعليم تمام ضروري آهي. 16 ڪانوويڪشن ۾ سا?? 2019ع جي 2563 ۽ سا?? 2020ع جي 2943 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون پيون وڃن.