اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمان جي سيڙپڪا??ن تي زور ڏنو آهي ته ع??ان?? واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستان جي آزاد ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين مان فائدو وٺن، پاڪستان جي سازگار ڪاروباري پاليسين سان غير ملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيو، پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا جمعه محمد الصالح جي قيادت ۾ و??پاري وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت ع??ان?? واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي، واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ واپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي چيمبر آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ع??ان?? وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، وفد واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.