اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته اسان کي گورنر راڄ جي ڪا به ضرورت نه آهي ۽ نه ئي اسان جو اهڙو ڪو ارادو آهي، تحريڪ انصاف ۾ مائنس ون جي ڪا به گنجائش نه آهي، بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين انشاءُ الله شڪست ڏينداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو پوليٽيڪل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان مشاورت ٿي. فيصلو ٿيو آهي ته اسان بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين انشاءُ الله شڪست ڏينداسين. شاهه محم??د قريشي چيو ته آئون ان ابه??م کي ختم ڪرڻ چاهيا?? ٿو ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون، ڪنهن به طرح جي رڪاوٽ نه وجهنداسين، اهو به واضح ڪريا?? ٿو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪو به ارادو نه هو نه آهي، مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو ته سي?? غني ۽ بلاول پٽ هروڀرو پريشان نه ٿين، اسان جي اتحادين جي باري ۾ قياس آرايون ٿي رهيون آهن، آئون مسلسل چئي رهيو آهيان ته اسان جا اتحادي اسان کي نه ڇڏيندا، مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو ته آئون چوڌري صاحبن کي چڱي طرح سڃاڻا?? ٿو، هو جذباتي نه سي??سي فيصلا ڪندا آهن، کين پتو آهي ته ن ليگ انهن لاءِ ڪيتري گنجائش رکي ٿي. هن چيو ته 2018ع ۾ انهن جي رستي ۾ رنڊڪون ن ليگ وڌيون، سي??سي سوچ رکندڙ ڄاڻن ٿا ته چوڌري ڀائر ڏاها ماڻهو آهن ڪو غير سي??سي فيصلو نه ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جيڪو ايم ڪيو ايم سان سلوڪ ڪيو اهو سڀني جي ڄاڻ ۾ آهي، ايم ڪيو ايم وارا سي??سي ماڻهو آهن اهي گذريل چئن سالن ۾ ايم ڪيو ايم سان پيپلزپارٽي جي سلوڪ کي نه وساريندا، اهي ماڻهو جيڪي سنڌ هائوس ۾ آهن اهي سي??سي ماڻهو آهن کين پتو آهي ته آئين ۽ قانون جو ڪهڙي گهرج آهي، هو بيٽ جي نشان تي کٽي آيا آهن هو ڪنهن مخالف جي هنج ۾ نه ويهندا. شاهه محم??د قريشي چيو ته ن ليگ ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ٽڪيٽن جا واعدا ??يا جيڪي وفا نه ٿيا، اهي اسان جا ساٿي آهن اسان انهن کي چونداسين ته هو سي??سي هم منصبن جي هنج ۾ نه ويهن، آئون انهن کي چوندس ته اهي ٿڌي دل سان ان تي غور ڪن. هن چيو ته اڄ پوليٽيڪل ڪميٽي وزيراعظم جي صدارت ۾ فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ان اپيل جي باوجود ڦري وڇي ٿو ته ان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو. آئون واضح ڪرڻ چاهيا?? ٿو ته تحريڪ انصاف ۾ مائنس ون جي ڪا به گنجائش نه آهي، ماضي ۾ جڏهن پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي دورن م مائنس ون جي ڳالهه ڪئي وئي ته ڇا ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ان تي اتفاق ڪيو، اڄ شهباز شريف، نواز شريف جي جڳهه نٿو وٺي سگهي، شاهه محم??د قريشي چيو ته عمران خان باني آهي هن تحريڪ انصاف جو ٻوٽو لڳايو آهي، اڄ الحمد الله چار حڪومتون هن قائم ڪيون آهن، سنڌ ۾ به تبديلي جي هوا ڏسي آيو آهيان، مخالف ڌر کي ان ڳالهه تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته افغانستان جي صورتحال ڪهڙي آهي، هن چيو ته هندستان اڃان تائين حادثاتي طور تي هلايل ميزائل جي ڪا وجهه نه ڏئي سگهيو، يوڪرين جي صورتحال جي ڪري معيشتون شديد متاثر ٿي رهيون آهن، ڇا ان صورتحال ۾ ملڪ عدم استحڪام جي سٽ سهي سگهي ٿو؟ آئون اڄ پنهنجي دوستن کي به چوندس ته پنهنجي گفتگو ۾ پارلياماني لهجو استعمال ڪن ۽ لفظن جي چونڊ ۾ احتياط ڪن. شاهه محم??د قريشي چيو ته اڄ پوليٽيڪل ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڀني جي مفتقه راءِ هئي ته نه اسان کي گورنر راڄ جا ضرورت آهي ۽ نه ئي ارادو آهي. بي اعتمادي رٿ انهن جو آئيني حق آهي اسان مقابلو ڪنداسين، اسان جو ٽڪراءُ جو ڪو به ارادو نه هو ۽ نه آهي، تازو پيپلزپارٽي وارا سرڪاري وسيلن تي مارچ وٺي اسلام آباد آيا اسان ڪا رڪاوٽ نه وڌي.