اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ ??ي سربراهه اجلاس جي چيئرمين فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا، اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪ??يو?? ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ ??المي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. او آءِ ??ي سربراهه اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو پاڪستان جو ٿورائتو آهي جنهن او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن ??اري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي شاندار آجيان ڪئي. هن پاڪستان جي 75 هين پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ قوم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي خوشحالي ۽ وڌيڪ ڪاميابين جي دعا ڪئي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا ??ي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري مسل??ان امت جي ڪاميابي آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان پاران قرارداد پيش ڪرڻ ۽ او آءِ ??ي سيڪريٽريٽ ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڪردار تي کيس مبارڪباد پيش ڪ??يو?? ٿا. هن چيو ته اسلامو فوبيا ??ي خلاف عالمي ڏينهن بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ٿيندو، سعودي عرب فلسطين مسئلي تي فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، اسان عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اتان جي عوام جو حق آهي. هن چيو ته يمن ۾ حوثي مليشيا کي هٿيارن جي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي. يمن جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري هيا ??هيون. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪ??يو?? ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ ??المي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ ??نساني بنيادن تي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ هڪ خوش آئنده قدم آهي. ان فنڊ ذريعي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪري سگهبي.