اسلام آباد – 23 8211; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 23 مارچ 1940?? جو ڏينهن قومي جذبن جي تعمير ۽ خوابن جي تعبير جو ڏينهن هو. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو مقصد پاڪ زمين کي هڪ اسلامي جمهوري ۽ ??لا??ي رياست بڻائڻ هو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز جي ??لا??ي رياست بڻائڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي.