اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ ا??له چيو آهي ته هاڻي سينٽرل جيل جي حاضري رجسٽر جو صفحو مٽجي چڪو آهي، ڏوهاري چار سال ملڪ تي مڙهيل ۽ بيگناهه جيلن ۾ رهيا. گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي مختصر بيان ۾ هن چيو ته ا??له تعاليٰ پنهنجي ڪرم سان بيگناهن کي عزت ڏني ۽ سرخرو ڪيو آهي. ا??له تعاليٰ جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته ا??له تعاليٰ پنهنجي قدرت جو اهو ??ظارو عوام کي ڏيکاريو آهي، ٻين کي رسوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ خوار ٿي ويا آهن، هاڻي آئين ٽوڙيندڙ ۽ گهڙي چور جيلن ۾ ويندا.