اسلام آب??د ?? 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کن?? جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پهرين ??وا?? جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ کن?? جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پهرين ??وا?? جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ۽ کن?? جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي پنهنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميدار هوندو.