قلعه سيف الله – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي سروي ڪن، متاثرين کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن اها هدايت خوشنوب خيما بستيءَ جي دوري دوران ڏني. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو ??زي?? عبدالقدوس بزنجو، هائوسنگ وارو وفاقي ??زي?? مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي ??زي?? شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي ??زي?? اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي ??زي?? محمد هاشم نوتيزئي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به ??زي??اعظم سان گڏ هو. ??زي??اعظم کي اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، باغن، روڊن ۽ ننڍن ڊيمن کي ٿيندڙ نقصانن، ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته لسٻيلا، ڪيچ، ڪوئيٽا، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته زوب ڊويزن ۾ ماڻهن جو اڪثر دارومدار زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ تي آهي، اتي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اٽڪل 10 هزار ڊيمن ۽ ماڻهن کي نقصان پهتو آهي. صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٿيندڙ نقصانن جي انگن اکرن کي گڏ ڪيو پيو وڃي جنهن جي بنياد تي بحالي جي سرگرمين کي اڳتي وڌايو ويندو. بيمارين کي روڪڻ ۽ مريضن جي علاج جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳايون ويون آهن جتي ماڻهن کي علاج جي بهترين سهولتن کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ويٽرنري اسپتالن جو به انتظام ڪيو ويو آهي. ماڻهن تا??ين روزاني جي استعمال جون شيون ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ??زي??اعظم اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن کان نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين بابت معلومات ورتي. لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي کاتن پاران متاثرين جي امداد لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ پاڪ فوج ۽ ايف سي جي اهلڪارن ڀرپور مدد ڪئي آهي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته متاثرين جي هر طرح سان دادرسيءَ ڪئي وڃي ۽ انهن کي رهائش، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون پهچايون وڃن. ??زي??اعظم خيما بستيءَ ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپ جو به دورو ڪيو ۽ اتي ماڻهن کان علاج جي سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو.