ملتان – 03 – آگسٽ (اي پي پي) زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن چيو آهي ته پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺل آهي، جهڙي طرح 5 آگسٽ تي ڀارت والاريل ڪش??ير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڄمون ۽ ڪش??ير کي ڀارت جو حصو بڻايو، اهو افسوسناڪ آهي، هڪ ڏينهن ايندو ته ڪش??ير آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿيندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي جم??عت اسلامي عورت شعبي جي نگران شمائله رفيق چيو ته ڀارت ڪش??ير کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ظالماڻا حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر 9 لک ڀارتي فوج ڪشميرين جي جهاد جي جذبي ۽ شهادت جي شوق کي ٿڌو نه ٿي ڪري سگهي، 1947ع کان هيستائين هڪ لک 40 هزار ڪشميري شهيد جڏهن ته 70 هزار جيلن ۾ بند آهن. شق سي 370 جي تحت ڪش??ير جي خودمختيار حيثيت ختم ڪري ٽن سالن تي ٻڌل بدترين لا?? ڊائون جي ذريعي ڪشميري مسلمانن جي مڪمل نسل ڪشيءَ جي منصوبابندي سان گڏ مسلمان آبادي جي تناسب کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن کان جاري لا?? ڊائون ۽ ٻين ظالماڻن حربن جي باوجود ڪشميري اڄ به پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. ڪش??ير جي لاءِ اسان 4 جنگيون وڙهيون آهن، جوانن جون شهادتون پيش ڪيون آهن ۽ ڪش??ير آزاد ٿيندو، پاڪستاني قوم ڪش??ير جي آزادي لاءِ ڪشميرين سان گڏ آهي.