ڪالام – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪالام ۾ ڦاٿل جرمن سياح خاندان سميت ٻين سياحن کي ??وري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور ه??لي??اپٽر فراهم ڪندي، هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جيڪو ڪالهه خيبرپخ??ون??واهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري تي پهتو، تنهن اتي موجود سياحن سان ملاق??ت به ڪئي. انهن کي ??لندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو وزيراعظم سياحن ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپخ??ون??واهه جي دوري تي آيو آهيان ماڻهن سان مليو آهيان، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هتي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به موجود آهن، انهن کي انهن جي گهرن تائين پهچائينداسين، پاڪ فوج جا ه??لي??اپٽر انهن کي ڪڍي رهيا آهن، هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍي وٺنداسين، وزيراعظم جرمني مان آيل سياح خاندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته هتي 600 کان 700 تائين سياح اڃا موجود آهن جن کي سڀاڻي تائين ڪڍيو ويندو. وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته وڏي مشينري سان بحالي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ترجيح رستن جي بحالي آهي. وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته مدين، بحرين، سيدو شريف ۽ ڪالام ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. وزيراعظم اين ايڇ اي کي ??دايت ڪئي ته رستن کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪالام ۾ ڦاٿل سياحن کي ??وري ڪڍيو وڃي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري ه??لي??اپٽر فراهم ڪرائي ڇڏيو.