اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ جي صورتحال کي قومي ايمرجنسي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ غيرمعمولي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبو ڏيکارڻو پوندو، ٻوڏ متاثري?? جي مد?? لاءِ سموري قوم خاص طور تي ٻاه??ئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستاني?? جي عطيي جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تم??م وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي ڪري وڏي رقم گهربل هوندي. وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، تيز برساتن ۽ شديد ٻوڏ وارن ريل?? جي ڪري ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، عوام جي مد?? سان متاثري?? جي ريسڪيو ۽ ريليف جي عمل کي تيز بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جا ??فص??ل اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اندرون ۽ ٻاه??ئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستاني عطيو اڪائونٽ (پرائيم منسٽر ريليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مصيبت ۾ گهيريل هم وطن اسا?? جي مد?? جا منتظر آهن، اچو اسان سڀ بڻجون سهارو. ٻاه??ئي?? ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سڀني ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته بئنڪ?? جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف پي، راست جي ذريعي به جمع ڪرائي سگهجن ٿا.