اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور چيو آهي ته سندس اداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ملين ڊالر تي پهچي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (ي ايس ايڊ) جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور جيڪا ٻوڏ بابت تباهي جي پئماني جو جائزو وٺڻ لاءِ 8 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ??ري رهي آهي، اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ جي ڏس ۾ آمريڪا پاران انساني بنيادن تي ??مداد فراهم ڪر?? تي ??مانٿا پاور جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان سپر فلڊ سان ٿيندڙ وڏي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي دورو آمريڪي حڪومت جو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي ??و اظهار آهي. وزيراعظم سمانٿا پاور کي پاڪستان ۾ بوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني کان آگھاهه ڪندي ٻڌايو ته هن وقت تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان فوتگين جو انگ 1300 کان وڌيڪ، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ تي ??يٺل فصل تباهه، 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جڏهن ته پوري جا پورا ڳوٺ ۽ ماڻهن جا روزگار جا ذريعا لڙهي ويا آهن ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو آهي. پاڪستان حڪومت ريسڪيو ۽ فوري امدادي ڪاررواين جي لاءِ دستياب سمورا وسيلا استعمال ??ري رهي آهي جڏهن ته خوراڪ جو متوقع عدم تحفظ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ان کانپوءِ ايندڙ وڏا چئلينجز هوندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان بحران جي شدت جي ??ري پاڪستان پنهنجي طور تي ??نهن گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي وارن چئلينجز جو مقابلو ڪر?? جي صلاحيت نه ٿو رکي. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته پاڪستان کي مسلسل عالمي تعاون، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪر?? جي لاء?? آمريڪي مدد ۽ حمايت گهربل هوندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته پاڪستان موسمياتي ??بديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي نئين سر تعمير جي منصوبابندي ۽ ان کي لاڳو ڪندو. ان مقصد کي حاصل ڪر?? جي لاءِ پاڪستان کي ان حوالي سان عالمي مهارت، فني مدد، فنڊنگ ۽ اڳڪٿي جي لاءِ موسمياتي فنانسنگ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحولياتي ??بديلي دنيا ۾ رهندڙ انسانن جي لاءِ گڏيل چئلينج آهي، ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. يو ايس ايڊ جي ايدمنسٽريٽر سمانٿا پاور ٻوڏ ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته يو ايس ايڊ مالي امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي، اهڙي طرح اهو 51 ملين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. سمانٿا پاور ان عزم جو اظهار ڪيو ته آمريڪي انتظاميا ان مشڪل حالتن ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رکندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فنڊز ۾ اضافي تي ??مريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو ۽ ريليف جو مرحلو ختم ٿيڻ کانپوءِ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير هڪ مشڪل چئلينج آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان عالمي امداد جو منتظر آهي.