اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وف??قي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد محمود لنگڙيال جي هدايت تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني ??ميٽيڊ (اين ٽي ڊي سي)، سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيپڪو) ۽ ضلعي انتظاميه دادو ۾ ٻوڏ متاثرن ل??ءِ 500 ڪي وي گرڊ اسٽيسن اين ٽي ڊي سي دادو ۾ خيمه ??ستي قائم ڪري ڇڏي آهي. وف??قي وزير خيمه ??ستي جو دؤرو ڪيو. ترجمان اين ٽي ڊي سي مطابق مقامي ايم اين ايز، ايم پي اي ۽ مئنجينگ ڊائريڪٽر اين ٽي ڊي سي انجنيئر ڊاڪٽر رانا عبدالجبار خان پڻ ان سان گڏ هئا. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن ل??ءِ فلڊ امدادي سرگمين جو جائزو ورتو. اين ٽي ڊي سي، سيپڪو ۽ ضلعي انتظاميه جي ٽيم وف??قي وزير کي بريف ڪيو ۽ فلڊ رليف ڪيمپ ۾ 100 ٽينٽ لڳايا پيا وڃن جيڪو 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن دادو جي رهائشي ڪالوني جي احاطي ۾ قائم آهي. رليف ڪيمپ ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌو، دوائون، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون ضرورت واريون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي وف??قي وزير چيو ته حڪومت بي گهر متاثرن جي مسئلن کان پوري طرح واقف آهي ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ٻارن جي تعليم جو جلد انتظام ڪيو ويندو. سول ا??تظاميه جي سفارشن مطابق خيمه ??ستي کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. وف??قي وزير انجنيئر خرم دستگير خان 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن دادو کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بندن ۽ ٻين حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو. هن ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي پاڪ فوج، سول ا??تظاميه ۽ اين ٽي ڊي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.