نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ عدليه انهن کي ??رقرار رکيو آهي. مملڪتي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ آمريڪا جي عالمي مذهبي آزادي بابت سفير رشاد حسين سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اقليتن سميت سمورن شهرين جي انساني حقن جي تحفظ کي ??مام گهڻي سنجيدگي سان وٺي ٿي، مذهبي هم آهنگي پاڪستان جي طاقت آهي ۽ مذهبي اقليتون پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ، عدليه ۽ خدمتن ۾ انهن جي نمائندگي آهي، انهن کي ??ياسي طور تي ٺوس بڻائڻ ۽ انهن جي نمائندگي وڌائڻ جي شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ڪشميرين جي خلافل مسلسل ڏاڍ عالمي برادري خاص طور تي آمريڪا جي لاءِ شدي?? ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. رشاد حسين پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ??ري قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مذهبي آزادي سان لاڳاپيل معاملن تي آمريڪا سان پاڪستان جي مسلسل رابطن کي ??اراهيو.