اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معام??ن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر پيرس ۾ فرانس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ٿيري فليمن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ويوا ٽيڪ فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز، پويو يونيورسٽي ۾ خطاب ڪيو. هن ايسوسيئيشن آف گرينڊ ايڪولس ۽ ڪئمپس فرانس جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪئي. پيرس ۾ پاڪستا?? جي سفارتخاني پاران جاري بيان مو??ب مملڪتي وزير جي ٿيري فليمن جوٽوٽل گلوبل سروسز جي سي اي او به آهي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. حنا رباني کر فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪ?? جي اسٽارٽ اپ سيڪٽرز جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ سال ويواٽيڪ ايونٽ ۾ پاڪستا?? جي شرڪت تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي معام??ن وا??ي مملڪتي وزير پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز پويو يونيورسٽي جي شا??ردن سان ”پاڪستان ۽ اڀرندڙ ورلڊ آرڊر“ جي مو??وع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. هن يونيورسٽي جي فيڪلٽي سان تعليمي تعاون تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ڪئمپس فرانس ۽ ڪانفرنس آف گرينڊي ايڪولس ڪي جي نمائندن سان ملاقات ۾ مملڪتي وزير پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ اداراجاتي رابطن ۽ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.