رياض – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراع??م محمد بن سلمان وزيراع??م محمد شهباز شريف جي درخواست تي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي اپريل 2022ع جي واقعي تي درگذر کان ڪم وٺڻ ۽ گرفتار پاڪستانين جي آزادي جي درخواست ڪئي هئي. مدينه منوره جي عدالت ٽن پاڪستانين کي 8 سال ۽ ٽن کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. خواجه لقمان، محمد افضل، غلام محمد کي 8 سال ۽ نس، ارشد ۽ محمد سليم کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. هڪ ٻئي پاڪستاني طاه?? ملڪ کي به ٽي سال قيد ۽ 10 هزار ريال ڏنڊ هنيو ويو هو. وزيراعظم جي درخواست تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراع??م محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراع??م محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد سان ٿورا مڃيندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي ان جو اجر عطا فرمائي.