اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) لائين آف ڪنٽرول جي ٻن??ي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (سڀاڻي) خميس ڏينهن ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائيندا ۽ دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيندا ته اهي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقرينون منعقد ڪيون وينديون. ڪل جم??عت?? حريت ڪانفرنس جي اپيل تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر تي هڙتال ڪئي ويندي ۽ ڪشميري عوام ان ڳالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي ته اها ڀارت جي غلامي کان آزادي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڙتال جي ڪال ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميرين ۽ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ريا??تي دهشت??رد?? طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ ڀارتي سفارتخانن، گڏيل قومن جي آفيسن، تاريخي جاين ۽ مختلف گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي م??اه??ا ڪن. 27 آڪٽوبر کي سڄي دنيا ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبرد??تي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ هيستائين ڀارتي قابض فوج بي??رد?? سان بيگناهه ۽ معصوم ڪشميرين جو قتلام ڪري رهي آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.