اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي حڪم جي توثيق ڪندي رسڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ تازي سمري پي ايم سيڪريٽريٽ موڪلڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قومي صحت خ??مت واري وزارت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ري هيبلي ٽيشن مڊيسن (نِرم) ۽ فيڊرل گورنمينٽ سروسز اسپتال جي 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو هو، مقبول احمد ۽ ٻين شڪايت ڪندڙن الائون?? نه ملڻ تي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن جو موقف هو ته اهي ادارن جي سربراهن جي هدايت تي خطري جي باوجود ڪورونا وائرس جي وبا ۾ فرض سرانجام ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ادا ڪيو ويو جڏهن ته انهن کي نان ٽيڪنيڪل اسٽاف قرار ڏئي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. شڪايت ڪندڙن مو??ب ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل ملازم هڪ جهڙي طور تي پنهنجي اسپتالن ۾ ??يو??ي سرانجام ڏيندا رهيا. فيصلي مو??ب آگسٽ 2021ع ۾ وزارت وفاقي سرڪاري اسپتالن/ ادارن جي طبي عملي کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ اسلام آباد به فائدو کڻندڙن مان هڪ هو، 2020ع ۾ سمورن ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ڏنو ويو جڏهن ته 2021ع ۾ 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل عملو هڪ جهڙي خطري واري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو، ا??گزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايجنسي جي باقي 37 ملازمن کي الائونس ڏيڻ جي سفارش ڪئي. صدر صحت واري وزارت جي اپيل بدانتظامي ثابت ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي.