اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي سان واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، ماحول دوست توانائي، تعليم، هنرمند، دفاع ۽ روانگي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي روايتي ۽ غيرروايتي روانگي واپار کي فروغ ڏئي ان جو مو??وده ڪاٿو 128.404 ملين ڊالر کان وڌائي سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناروي جي ل??ءِ پاڪستان جي نامزد سفير سعديه الطاف قاضي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ??امزد سفير ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان فعال طور تي رابطو برقرار رکي ۽ ڪونسلر خدمتن فراهم ڪري. صدر چيو ته سفير ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين ۽ ادارن جي وچ ۾ تعليمي، سائنسي، صنعتي تحقيق ۽ ترقي ۽ تعاون جي ميدان ۾ بامعنيٰ ۽ قابل عمل موقعا ڳولي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اروي جي پينوراما حڪمت عملي 2021 – 2027ع تحت تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي ل??ءِ ترجيحي ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ??امزد سفير يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن سان واپاري معاهدي تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل منصوبن جي ل??ءِ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطو پيدا ??رڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران مسلسل ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اقليتن سان امتيازي سلوڪ، ڌمڪيون، هراسان ڪرڻ ۽ اقليتن کي پٺتي ڪرڻ جي وڌندڙ وا??عن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي پڻ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي جان ۽ مال کي شديد خطرن ۾وجهي رهيو آهي.