اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئيٽزرلينڊ ۾ عا??مي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ڏکڻ آفريقا جي عالمي ??اڳاپن ۽ تعاون جي وزير سان ملاقات ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عا??مي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ڊاڪٽر ناليڊي پنڊور سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ هر سطح تي پراڻا مضبوط لاڳاپا قائم آهن. ڏکڻ آفريقا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل دلچسپي جي عالمي ??عاملن تي سٺي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻوڏ کانپوءِ ڏکڻ آفريقا جي حمايت ۽ يڪجهتي جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.