اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن پشاور ۾ ايپ??ڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي م??جد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خوفناڪ واقعي جي سببن تي غور ڪيو ويندو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، چئني صوبن، گلگت بلتستان جا ??ڏا وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيرا??ظم?? سيڪيورٽي فورسز، پوليس جا عملدار ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر شرڪت ڪندا.