پشاور – 03 – فيبروري (اي پي ??ي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف 30 جنوري تي پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي جي شهيدن جي وارثن جي لاءِ 20 لک رپيا ۽ زخمين جي لاءِ 5 لک رپين جو اعلان ڪيو آهي. گورنر هائوس ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزير??عظ?? چيو ته معاوضي جي رقم ان ڏک جو مداوو نه آهي جنهن ما?? متاثرين جا گهروارا گذري رهيا آهن پر اها وفاقي حڪومت پا??ان ڏکويل خاندان ۽ زخمين جي مالي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهي. وزير??عظ?? چيو ته سڄي قوم سميت سول ۽ ملٽري آرمڊ فورسز، سول سوسائٽي، عوام ۽ سرڪاري آفيسرن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏ??يون آهن.