اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي چو??ڊن جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط موڪلي ڇڏيو آه??. خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آه?? ته هو اليڪشن ايڪٽ 2017ع ??وج?? صوبائي اسيمبلين جي چو??ڊن جي تاريخ جو فوري اعلان ڪري. صدر چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه صوبائي چو??ڊن سان گڏوگڏ مستقبل جي عام چو??ڊن جي حوالي سان به خطرناڪ قياس آرائين تي ٻڌل پروپئگنڊه کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چو??ڊ شيڊيول جاري ڪرڻ ضروري آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ ??وج?? صدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل پنهنجي خط ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي تحليل جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۾ اسيمبلي جي تحليل کانپوءِ 90 ڏينهن ۾ چو??ڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آه??. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي پارٽ VIII ??وج?? چو??ڊن جو انعقاد اليڪشن ڪميشن جو بنيادي ۽ لازمي فرض آه??، خاص طور تي آرٽيڪل 218 (3) اي سي پي کي اهو فرض ڏنو ويو آه?? ته هو شفاف ۽ آزاداڻي چو??ڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائي. هن چيو ته اهو اليڪشن ڪميشن ئي آه?? جيڪو چو??ڊن جي حوالي سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ جي صورت ۾ ملڪ جي آئين جي خلاف ورزين جو ذميوار ۽ جوابده قرار ڏنو ويندو. صدر آئين جي آرٽيڪل 42 ۽ ٿرڊ شيڊيول جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته مملڪتي سربراهه هجڻ جي حيثيت سان هن ”آئين جي تحفظ ۽ دفاع“ جو حلف کنيو آه??. هن چيف اليڪشن ڪمشن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي آئين جي آرٽيڪل 214 ۽ ٿرڊ شيڊيول جي تحت انهن جي حلف ??وج?? بنيادي ذميواري بابت ياد ڏياريو جنهن ۾ چيو ويو آه?? ته ”آئون پنهنجون ذميواريون پوري ايمانداري سان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ??وج?? ادا ڪندس.“ آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي خلاف ورزي جي سنگين نتيجن کان بچڻ جي لاءِ ٻنهي تحليل ٿيل اسيمبلين جي چو??ڊن جو شيڊيول فوري اعلان ڪيو وڃي. صدر خط ۾ آئين جي قرارداد جي مقصدن جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته تمهيد ۾ غيرمبهم لفظن ۾ چيو ويو آه?? ته ”رياست پنهنجي طاقت ۽ اختيار کي عوام جي نمائندن ۾ منتقل ڪرڻ جا ذريعا استعمال ڪندي.“ اهو قوم جي ابن ڏاڏن جي ا??ٿڪ عزم جو عڪاس آه?? جن قرارداد جي مقصدن جو مسودو تيار ڪيو جنهن کي آئين جو (آرٽيڪل اي ٽو) جو حصو بڻايو ويو. اهڙي طرح آئين ۾ جمهوري اصولن ۽ قدرن جي پيروي ۽ پابندي بابت ڪو ابهام باقي نه ٿو رهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قديم ترين جمهوريتن جنگين دوران به چو??ڊن ۾ ڪڏهن به دير نه ڪئي، ان سلسلي ۾ هن آمريڪا جو مثال ڏنو جنهن صدر جيمز ميڊيسن جي دور ۾ 1812ع ۾ برطانيا سان جنگ جي باوجود چو??ڊون ڪرايون هيون. هن وڌيڪ چيو ته 1864ع ۾ آمريڪا گهرو ويڙهه دوران ان وقت جي صدر ابراهم لنڪن جي اعليٰ صلاحڪار گهرو ويڙهه سبب چو??ڊون ملتوي ڪرائڻ چاهيندو هو پر هو ان سان متفق نه ٿيو، جيتوڻيڪ ان جو خيال هو ته هو چو??ڊون هارائڻ وارو آه?? پر ان جي باوجود هن ڪڏهن به چو??ڊن کي رد ڪرڻ بابت سوچيو ئي نه. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ اڳ ۾ ئي هڪ مناسب قدم کڻي چڪو آه?? ۽ مختلف تڪن جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جي ضمني چو??ڊن جي انعقاد جو اعلان ڪري چڪو آه??. صدر چيو ته ان جو پڪو يقين آه?? ته ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آه?? جو چو??ڊن ۾ دير يا التوا جو ڪو جواز فراهم ڪندو هجي. تازو عالمي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته آئيني طور تي طئي ٿيل چو??ڊن جي التوا جمهوريت کي ڊگهي مدي وارو نقصان پهچايو آه??.