اسلام آبا??– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيآءَ محي الدين هڪ اهڙو ادبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي شهرت نصيب ٿي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضيآءَ محي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي به ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تان ”پائل“، ”چچا ڇڪن“، ”ضياءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پ??ش ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنهنجي خوبصورت آواز ۾ اردو ادب جا فن پارا پ??ش ڪري ضياءَ محي الدين وڏو نالو ڪمايو. مرحوم جي شوبز ان??سٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ضياءَ محي الدين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرح??م کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.