اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نائ??ير??ا جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي بو??ا احمد تينوبو کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ نائ??ير??ا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، جيڪي خاص طور تي دفاع، واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چون??يل صدر جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.