لاهور – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مخدوم هائوس ماڊل ٽائون ۾ اڳوڻي گورنر ۽ پيپلزپارٽي ??کڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ محمود، قومي اسيمبلي ميمبر مصطفيٰ محمود ۽ عثمان محمود پڻ مو??و هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مخدوم سيد احمد محمود ڏکڻ پنجاب جي سياسي صورتحال بابت بريفنگ ڏني جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخدوم احمد محمود جي وچ ۾ چونڊن بابت صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان پيپلزپارٽي اڳواڻ عرفان گرديزي ۽ پيپلزپارٽي ??کڻ پنجاب جي چيف ??وآرڊينيٽر عبدالقادر شاهين پڻ ملاقات ڪئي.