اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سمورين م??ڪل??تن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، جهڙي طرح سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو احترام ۽ برداشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برقرار رهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته اسان کي پنه??جي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن وارين تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ برداشت کانسو??ءِ هڪٻئي جو احترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب ??ار??يامينٽ ۽ جمهوري نظام جو بنياد آهي، منه??جي دعا آهي ته هي ماحول جيڪو هتي نظر آيو اهو سدائين قائم ۽ دائم رهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهي، رابطا ۽ شفافيت ??ار??يامينٽ ل??ءِ اهميت رکندڙ آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سان وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿيندي، سينيٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي شرڪت بهترين قدم آهي، ان سان عوام جو ??ار??ياماني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته هي جمهوريت، ??ار??يامينٽ، قانونسازن ۽ پاڪستان جي عوام ل??ءِ وقت آهي ان سان گڏوگڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت آهي، هن چيو ته 50 سال اڳ هن سينيٽ جو قيام پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب آهي ۽ ان سان وفاق پاڪستان کي استحڪام مليو، هن چيو ته موجوده چيئرمين سان گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ڏيون ٿا جنهن وفاق کي درپيش مسئلن جو هتي ذڪر ڪيو. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل پنه??جي سامهون نظر اچي رهيو آهي، پنه??جي محبوب وطن ۽ پنه??جي عوام ل??ءِ روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي، ڪلمي جي بنياد تي حاصل ٿيل ملڪ کي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.