ڪراچي – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چ??ئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري زوب ۾ شهرين جي گاڏين تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ معصوم شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان م??جب بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائ?? درندگي آهي، ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته حڪومت شهرين جي جان ۽ مال ??ي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کان واقف آهي ۽ انهن جي پاسداري جي لاءِ پرعزم آهي.