اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط لکندي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪ??متن جي لاڳاپيل عملدارن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مقرر وقت ۾ عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي معاونت جي هدايت ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪ??متن جي سمورن لاڳاپي?? انتظامي عملدارن کي انساني حقن جي پا??مالي کان پا??و ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ چيو ته ويجهي ماضي ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا بنيادي ۽ انساني حقن جي واضح خ??اف ورزين جي واقعن کي اجاگر ڪ??و، اهڙن واقعن جي تدارڪ ۽ اصلاح جي لاءِ انهن کي وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي ضرورت هئي. آرٽيڪل 105 يا 112 تحت صوبائي اسيمبلين جي تحليل تي آرٽيڪل 224 (2) تحت 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي صدر کي 90 ڏينهن جي اندر چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ تاريخ (تاريخون) تجويز ڪرڻ جو حڪ?? ڏنو، خيبرپختونخواهه جي گورنر کي به صوبائي اسيمبلي جي لاءِ ٽائيم فريم موجب عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو حڪ?? ڏنو ويو هو، لڳي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وفاقي ۽ نگران حڪ??متن لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ضروري تعاون فراهم ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪرڻ جو چيو، آئين تحت وفاقي ۽ صوبائي ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز جو فرض آهي ته اهي ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن کي انهن جا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ڪن. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن 30 اپريل تي پنجاب ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو، سپريم ڪورٽ جي حڪ?? جي کليل خ??اف ورزي ڪئي، اي سي پي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي انعقاد جي لاءِ 8 آڪٽوبر تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر خط ۾ وزيراعظم جو ڌيان انساني حقن جي خ??اف ورزين طرف پڻ ڇڪرايو. خط ۾ پوليس/ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ظلمن، شهرين جي خ??اف طاقت جي غيرمناسب استعمال جي سنگيني جو پڻ ذڪر ڪ??دي ٻڌايو ويو ته سياستدانن، ڪارڪنن، صحافين ۽ ميڊيا جي خ??اف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا، سياسي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، شهرين کي بنا وارنٽ ۽ قانوني جواز جي اغوا ڪيو ويو. صدر خط ۾ بنيادي حقن بابت آئين جي مختلف آرٽيڪلز جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪلز جي واضح طور تي خ??اف ورزي ڪئي پئي وڃي، اهڙن واقعن سان عالمي برادري ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال ۽ مستقبل تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ ذڪر ڪ??و ته 2021ع جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 180 ملڪن مان 145 هين نمبر تي هو، 2022ع ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ 157 هين نمبر تي اچي ويو، هن سال جي قدمن سان ان انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي وڌيڪ هيٺ ايندي، پاڪستان ۾ تازن مهينن ۾ ميڊيا کي وڌيڪ دٻايو ويو، حڪ??مت جي خ??اف اختلاف، تنقيد دٻائڻ جي لاءِ صحافين کي بغاوت ۽ دهشتگردي جي الزامن جو نشانو بڻايو ويو. خط ۾ صدر چيو آهي ته وزيراعظم حڪ??مت جي سربراهه هجڻ جي ناطي آئين ۾ ڏنل پاڪستان جي هر شهري جي انساني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جو ذميوار آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي حقن جي خ??اف ورزي کان پري رهن، اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري.