اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پورهيتن ۽ مزدورن جو عالمي ڏينهن اسان کي انهن مزدورن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن پنهنجي حقن جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هي ڏينهن نه رڳو محنت جي تقدس ۽ وقار جي علامت آهي پر هي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ مزدورن ۽ پورهيتن ??ي اهميت جو اعتراف آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم پورهيتن ??ي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو ته اسان جو عظيم مذهب اسلام سماجي انصاف، برابري ۽ انساني حقن جي احترام جي اصولن تي زور ڏي ٿو، الله تعاليٰ ۽ خاتم ??لن??ين رسول الله ﷺ اسان کي حڪم ڏنو آهي ته اسان مزدورن جي حقن کي انتهائي اهميت ڏيون ۽ انهن حقن کي پنهنجو بنيادي فرض سمجهندي ان کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪريون، حضور ﷺ جي زندگي ۾ اسان کي محنت جي عظت ۽ پورهيت طبقي جي حقن جي احترام جا بي شمار متاثر ڪندڙ مثال ملن ٿا. وزيرا??ظم چيو ته اسلام عالمي ليبر قانونن جي لاڳو ٿيڻ کان تمام گهڻو اڳ ئي مزدورن ۽ پورهيتن ??ي حقن جي حوالي سان رهنما اصول طئي ڪري ڇڏيا هئا، مزدور ۽ آجر پيداواري عمل ۾ حصيدار آهن ۽ انهن جو تعاون ۽ د??ستاڻو تعلق ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. وزيرا??ظم چيو ته موجوده حڪومت پورهيتن ??ي ڪم ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ جي حالتن کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن جي ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ بهتر رهائش، تعليم جي سهولت ۽ صحت جو تحفظ فراهم ڪري انهن جي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي، مهانگائي جي بلند شرح ۽ ٻين معاشي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 رپيا ماهوار مان وڌائي 25000 رپيا ماهوار ڪري ڇڏي آهي. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت مزدورن جي فلاحي ادارن جي لاءِ خودڪار، ٺوس نظام تيار ڪرڻ جي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پيشيواراڻي تربيت ۽ هنر جي ترقي جا پروگرام شروع ڪيا آهن. وزيرا??ظم چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اسان سڀ انفرادي ۽ اجتماعي ٻنهي سطحن تي پورهيتن ??ي حقن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن ڪريون.