اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي م??ڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي م??ذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان انهن کي حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فا??دو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي م??ذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوصي م??ڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوصي م??ڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي م??ذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوصي م??ڻهو ??ادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فا??دو کڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته خصوصي م??ڻهو ??نهنجي ڪوٽا موجب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي م??ڻهن جي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوصي م??ڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي. خاتون اول چيو ته نجي شعبي ۾ خصوصي م??ڻهن جي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون ضروري آهي.