اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام ??حت آسان شرطن تي قرضن جي فراهميءَ لاءِ 10 ارب رپيا، يوٿ اسڪلز پروگرام لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ تقرير دوران ناڻي واري وزير اسحاق ڊآر چيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان حڪومت جي خاص توجهه جا گهرجائو آهن ڇاڪاڻ ته اڄ جا نوجوان ??ي اسان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن. هو قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ تجويز آهي ته ايندڙ ٽن سالن تائين ڪنهن نوجوان يا نوجوانن تي ٻَڌل اي او پي طرفان شروع ڪيل ڪ??رو??ار سان ٿيل آمدني??َ تي ٽيڪس جي شرح ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وڃي. هيءَ رعايت انفرادي يا اي او پي جي صورت ۾ 20 لک رپين تائين ۽ ڪمپنيءَ جي صورت ۾ 50 لک رپين تائين هوندي. ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي ڪ??رو??ار جي مالڪ جي عمر 30 سال هجي ۽ هو ڪ??رو??ار پهرين جولاءِ 23ع يا ان کان پوءِ شروع ڪيو وڃي، ان سان ڪ??رو??اري سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن جي همت افزائي ٿيندي ۽ نئين بزنس آئيڊيا رکندڙ بزنس ليڊرز سامهون اچي سگهندا. وزيراعظمي وٿ پروگرام ذريعي ننڍن قرضن جي حاصلات ??حت پنهنجو ڪ??رو??ار شروع ڪرڻ لاءِ رعايتي ريٽ تي قرض جي فراهمي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم يوٿ اسڪلر پروگرام ??حت نوجوانن جي خصوصي تربيت ڏيڻ ??اءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.