اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي خصوصي ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اع??يٰ تعليم جاري رکڻ ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ خصوصي تعليمي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد بابت اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ يونيورسٽي جي ??ينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي ??عبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ??رورتن تي زور ڏنو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي ??ريقن جي ??ريعي پنهنجي پهچ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??رورت آهي، صدر يونيورسٽي جي ??نتظاميه تي زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پنهنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ??ريعي پنهنجي ??پريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين يونيورسٽي آهي جن??ن اپليڪيشن جو هڪ جامع نظام شروع ڪيو جنهن يونيورسٽي جي ??ڀني تعليمي،انتظامي ۽ مالياتي عمل کي خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، ??ن اجلاس کي ٻڌايو ته اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صدر يونيورسٽي پاران کنيل قدمن خاص طور تي اداري جي پهچ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي وڌائڻ جهڙي قدمن ??ي ساراهيو.