اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ان م??صد جي لاءِ ڊيٽا فار پاڪستان پو??ٽل ذريعي انگ اکر جوڙڻ ترقياتي منصوبابندي جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، مهذب معاشري جي سڃاڻپ ڪجهه اميرن سان نه پر اڪثريت جي رهڻي ڪهڻي سان هوندي آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان عوام تي پئسو خرچ ڪرڻ وقت زميني حقيقتن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، ڪنهن هڪ علائقي تي وڌيڪ فنڊ خرچ ڪرڻ سان ٻيا علائقا ترقي کان محروم رهجي وڃن ٿا، غربت جي خلاف جها?? ئي اصل جهاد آهي، ڪمزور طبقي جي خوشحالي سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فار پاڪستان پو??ٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.