اسلام آباد – 25 مئي (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان کي ترڪيءَ جي ??در رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ??رج??يو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي ??در ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻط??في تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي ??در کي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.